سلطان ابراھيم جو مقبرو

سلطان ابراھيم جو مقبرو

سلطان ابراھيم جو مقبرو

سلطان ابراھيم جو مقبرو: سلطان ابراھيم اول بن مرزا عيسيٰ اول. ھن جي قبر گنبذ دار مقبري ۾ آھي. 16 ربيع الاول 966 ھجريءَ ۾ وفات ڪيائين. ھي مقبرو خليل خان مھردار جي نالي سان منسوب ھو. جيڪو ميرزا باقي جو امير ھو. چيو وڃي ٿو ته ھن وصيت ڪئي ھئي ته کيس ان مقبري ۾ دفن نه ڪيو وڃي. ڇوتھ مقبري ٺھندي متان ڪنھن مزدور تي ظلم ٿيو ھجي. ان لاءِ کيس ٻاھر دفن ڪيو وڃي. مقبرو ھڪ وڏي احاطي جي وچ تي اڏيل آھي؛ جيڪو اٺڪنڊو آھي. ترخانن جا سمورا مقبرا ٽن نمونن جا آھن. ھڪڙا کليل ميدان ۾ مثلا عيسيٰ خان ترخان (اول)، باقي ترخان، محمد صالح ۽ سيلمان جا، جن جي چوڌاري عالم پناھه ڏنل آھي ۽ اندر ٿلھي تي قبرون آھن. ٻيو نمونو آھي چوکنڊي يا کليل ڇٽي اندر قبرون جھڙوڪ ميرزا بديع الزمان جو، ٽيون نمونو آھي عيسيٰ ثاني ميرزا جاني ۽ ميرزا جان بابا جا مقبرا، جن جو گنبذ مڪاني طرز جو آھي. ھي پھرئين نموني وارن طرز جو آھي حاطي جي ماپ 137.7/2x87.10/2 فوٽ آھي. اوڀر ۾ لنگھه ونگن سان، حاطي واري ڀت ڪري چڪي آھي، جيڪا سرن جي ٺھيل ھئي، پر ان جا بنياد پٿر جا ھئا. اوڀر واري لنگھه جا نشان بيٺا آھن. اولھه ۾ حاطي اندر مسجد آھي، جنھن جي ماپ 33.8.5x12.2 فوٽ آھي.
مقبرو، پڪ سرو اٺ ڪنڊو، جنھن جا بنياد پٿر تي رکيل آھن. وچ حاطي اندر آھي جيڪو 23 فوٽ ماپ جو هم چورس آھي. اصل ۾ مقبرو چوڪور رٿيل آھي، پر چرڪس جي مقبري وانگر ڪمرا ۽ ڏاڪڻيون رٿيل ڪونه اٿس. ڪنڊ وٽ پلويڙن سبب اٺڪنڊو ڏيک ڏئي ٿو. ھيءَ اٺڪنڊي عمارت اڳين اٺڪنڊي عمارتن، جن ۾ اڳيان ورانڊا اڏيل ھئا، انھن کان مختلف آھي. مٿي مخروطي گنبذ ٺھيل اٿس، جنھن مٿان ڪنول جو گل تاج طور ٺھيل ھو، سو ڊھي پيو اٿس. مھاڙي سڄي نيري ڪاشيءَ سان سينگاريل آهي. ستن ئي پاسن کان اندران ونگاوان محراب ٺھيل آھن. اٺين پاسي اتر- اولهه ڪنڊ تي ڏاڪڻ ٺاھي وئي آھي، جيڪا مٿي ڇت ڏانھن وڃي ٿي. ھن وقت مقبري کي صرف ھڪ دروازو آھي، جيڪو اوڀر طرف پٿرائين چوکٽي (France) ۾ لڳل آھي، ٻئي پاسي پٿر جون ڄاريون لڳل آھن. در جي سطح کان مٿي ونگايون دريون آھن. در ۽ درين جي وچ تي چوڪور سرون لڳل آھن جن تي قرآني آيتون نيري تي اڇي رنگ جي لکت ۾ لکيل آھن. حجري جو اندريون چوڪور حصو 21x21 فوٽ ماپ جو آھي، ان ۾ ڪنڊن تي لڳل ڀيمن جي ڦڙدين ڪري به اڏاوت جو ڊول اٺڪنڊو بيٺو آھي. گنبذ جو نمونو مخروطي آھي نه ڪي گول- جيڪو اندران ڪاشيءَ جي نيرين سرن سان سجايل آھي. ھي گنبذ ٺٽي جي عمارت سازيءَ جي سڃاڻپ آھي. ھتي ٻٽي گنبذ جو نمونو ڪو نه ٿو ملي، اھو گول نموني جو گنبذ رڳو مغلي عمارت گريءَ جو نمونو آھي جيڪو سنڌ ۾ ڏسڻ ۾ گهٽ ٿو اچي. مسجد جيڪا حاطي اندر آھي، ان جي مصلي جو ڪتبو ھن ريت ھو:
بسم لله... سبح اسم ربک الاعليٰ... صحف ابراھيم و موسيٰ
(سوره اعليٰ آيت 1 کان 19)
مقبري جي ديوارن تي ٻاھر پھلو وارن محرابن مٿان، چئن گوشن تي ھي ڪتبو اڪريل آھي:
اقم الصلواة لدلوک الشمس... ھو احدي سبيلا. صدق لله جل جلاله
(سوره الاسراء آيت 17)
گنبذ جي اندران چوڌاري ڪناري تي ھي ڪتبو لکيل ھو:
بسم لله... سبح اسم ربک... صحف ابراھيم و موسيٰ
(سوره اعليٰ آيت 1 کان 19)
گنبذ جي ٻاھران چوڌاري ھيٺين ڪناري تي نيري ڪاشيءَ تي اڇي رنگ سان ھي ڪتبو لکيل ھو جنھن جا ڪٿي نشان ملن ٿا:
بسم لله .. ڪھٰيٰعص ... يرجعون
(سوره مريم آيت 1 کان 40)
ھيٺيون ڪتبو ديوارن جي چئن محرابن تي ٽن حصن ۾ ھو. جيڪو ھن وقت مٽجي چڪو آھي. فقط اتر ۽ ڏکڻ کان ڪجهه حصا موجود آھن:
وسيق الذي .... فادخلوھا خالدين. (سوره زمر آيت 73)
مشقھ العبد الفقير المحتاج الي لله الباري. احمد الانصاري
سلطان ابراھيم لاءِ تاريخون خاموش آھن ته ھن جو تاريخ ۾ ڪھڙو ڪردار رھيو.


لفظ سلطان ابراھيم جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو